ديوانِ فقير

ديوانِ فقير (ڪتاب): ’ديوان فقير‘ لاڙڪاڻي جي نامور قادري گهراڻي جي هڪ مشهور شاعر ميان غلام سرور قادري تخلص ’فقير‘ جي سنڌي غزلن جو مجموعو آهي. ميان غلام سرور ابن ميان نور محمد قادري، شاعريءَ جي ابتدائي تعليم پنهنجي چاچي ميان غلام محمد ’گدا‘ کان ورتي ۽ ان جي وفات کانپوءِ پنهنجي پڦاٽ ميان علي محمد قادريءَ کان اصلاح ورتي. شروع ۾ ’حنيف‘ تخلص اختيار ڪيائين، پر اڳتي هلي پنهنجو تخلص ’فقير‘ اختيار ڪيائين. فقير پنهنجي دؤر جو هڪ پختو شاعر هو. هن شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر هو غزل جو سٺو شاعر هو. سندس غزلن ۾ شگفتگي، شوخي ۽ ڪشش جو رنگ موجود آهي. سندس ڪلام، علم عروض جي اصولن ۽ پابندين تي پورو لهي ٿو. فقير قادريءَ جو ديوان ’ديوان فقير‘ قلمي صورت ۾ لاڙڪاڻي ۾ اياز حسين قادريءَ وٽ هو، جيڪو هاڻي سندس اولاد وٽ آهي. هي ديوان اڃا تائين شايع نه ٿي سگهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو